خواندگي جي شرح ۾ اضافو خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري لاءِ ضروري آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته خواندگي قومي ترقي ۽ خوشحال معاشري جو بنياد آهي، خواندگي جي شرح ۾ اضافو خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري لاءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خواندگي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته خواندگي رڳو پڙهڻ لکڻ جي صلاحيت جو نالو ناهي، پر هي …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته خواندگي قومي ترقي ۽ خوشحال معاشري جو بنياد آهي، خواندگي جي شرح ۾ اضافو خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري لاءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خواندگي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته خواندگي رڳو پڙهڻ لکڻ جي صلاحيت جو نالو ناهي، پر هي اثرائتي فيصلا سازي ۽ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو اعتماد فراهم ڪري ٿي، معياري تعليم تائين برابر پهچ هر ٻار جو بنيادي حق آهي. هن جو چوڻ هو ته نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي، پاڪسان جي آئين تحت 5 کان 16 سال تائين جي عمر جي ٻارن کي مفت تعليم جي فراهمي رياست جي ذميواري آهي. سردار اياز صادق چيو ته عورتن ۾ خواندگي کي هٿي ڏيڻ تعليم يافته ۽ مضبوط معاشري لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران تعليمي ايمرجنسي جو اعلان هر ٻار کي تعليم جي دائري ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار آهي. هن چيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ تعاون ضروري آهي. ٻارن جي حقن بابت پارليامينٽ ڪاڪس جي رپورٽ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول آڻڻ لاءِ عمل جوڳيون تجويزون مرتب ڪيون ويون آهن. وفاقي ۽ صوبائي پارلياماني ڪاڪسز جي حصيداري سان مرتب ڪيل رپورٽ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي مسئلي جي زميني حقيقتن تي ٻڌل حل پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو تحسين جوڳو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي نوجوان نسل کي پارلياماني ۽ جمهوري تعليم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندي. تعليم ۽ خواندگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ، حڪومت ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.