اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 25 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 25 هزار 600 ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 23 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 25 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 25 هزار 600 ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 23 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 23 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 37 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 37 هزار 400 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 12 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 65 هزار 400 ڪيوسڪ، ڇوڙ 2 لک 34 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 3 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 50 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 87 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 44 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.580 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1222.35 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.755 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.30 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.274 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.












