ايف آءِ اي جي ڪارروائي، جعلي مصنوعات وڪرو ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل مختلف علائقن ۾ ڇاپا مار ڪارروائيون ڪندي ناليواري ڪمپنين جي جعلي مصنوعات وڪرو ۽ ڪاپي رائيٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ محمد امجد ۽ محمد احمد جي نالن سان ٿي آهي. جوابدارن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ ناليواري ڪمپني جي …

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل مختلف علائقن ۾ ڇاپا مار ڪارروائيون ڪندي ناليواري ڪمپنين جي جعلي مصنوعات وڪرو ۽ ڪاپي رائيٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ محمد امجد ۽ محمد احمد جي نالن سان ٿي آهي. جوابدارن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ ناليواري ڪمپني جي جعلي مصنوعات هٿ ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ جاري آهي.