حيدرآباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪريٽريٽ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ اسلام آباد جي تربيت هيٺ آفيسرن جي وفد حيدرآباد جو دورو ڪيو، جتي شهبار هال ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن فياض حسين عباسي ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ آفيسرن کي شهر ۾ تازو مڪمل ٿيل ۽ تعمير هيٺ فليگ شپ ترقياتي منصوبن، شهري انفراسٽرڪچر ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني. ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي شهر …
سيڪريٽريٽ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ اسلام آباد جي تربيت هيٺ آفيسرن جي وفد پاران حيدرآباد جو دورو
حيدرآباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪريٽريٽ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ اسلام آباد جي تربيت هيٺ آفيسرن جي وفد حيدرآباد جو دورو ڪيو، جتي شهبار هال ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن فياض حسين عباسي ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ آفيسرن کي شهر ۾ تازو مڪمل ٿيل ۽ تعمير هيٺ فليگ شپ ترقياتي منصوبن، شهري انفراسٽرڪچر ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني. ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي شهر جي ترقياتي منصوبن بابت ٻڌايو ته مختلف منصوبا لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن جي ذميوارين موجب مڪمل ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته وڏن منصوبن ۾ ضلعي انتظاميا، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جو اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن جي رٿابندي ۾ شهرين ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت کي پڻ اهميت ڏني وڃي ٿي، جيئن عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي اثرائتي منصوبابندي ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ آفيسرن کي آٽو ڀان روڊ، سحرش نگر باءِ پاس، حسن علي آفندي پارڪ ۽ نياز اسٽيڊيم سميت مڪمل ٿيل منصوبن، جڏهن ته آٽو ڀان روڊ فيز 2، شهبار فلاءِ اوور کان لطيف آباد نمبر 7 تائين ڊوئل روڊ، علمدار چوڪ کان اڳوڻي اين ايڇ-5 روڊ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو فلاءِ اوور ۽ ڦليلي پل کان ڪاري موري تائين منصوبن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. هن شهر جي خوبصورتي، تاريخي ۽ ثقافتي عمارتن ۽ زبون حال يادگارن جي بحالي، گڏوگڏ سول اسپتال جي منتقلي جي تجويز ڪيل منصوبي بابت پڻ آگاهي ڏني. هن ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ موجود واٽر فلٽريشن پلانٽن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ نون فلٽر پلانٽن جي تنصيب تي پڻ ڪم جاري آهي. بريفنگ دوران تربيت هيٺ آفيسرن صاف پاڻي جي فراهمي، ترقياتي منصوبن جي نشاندهي ۽ ترجيحن، منصوبن جي نگراني ۽ شهري ضرورتن سميت مختلف معاملن بابت سوال ڪيا. جن جا ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ تفصيلي جواب ڏنا. تقريب جي پڄاڻيءَ تي وفد جي نمائندي کي يادگاري شيلڊ، جڏهن ته آفيسرن جي نمائندي پاران ڪمشنر حيدرآباد کي پڻ يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي. ان کان علاوه ٻين تربيت هيٺ آفيسرن کي ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ ڪمشنر حيدرآباد پاران سنڌي ثقافتي لونگيون تحفي طور پيش ڪيون ويون.











