بدين ۾ صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس پاران ڪم واري هنڌ عورتن کي هراسان ٿيڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ واري قانون بابت آگاهي سيمينار منعقد

بدين - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) بدين ۾ صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس پاران گورنمينٽ ڪميونٽي مڊوائفري اسڪول بدين ۾ ڪم واري هنڌ عورتن کي هراسان ٿيڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ واري قانون 2010ع (ايڪٽ نمبر IV آف 2010) بابت آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مڊوائفري اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ٻين عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار کي خطاب ڪندي ضلعي صلاحڪار آفيسر رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ …

بدين – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) بدين ۾ صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس پاران گورنمينٽ ڪميونٽي مڊوائفري اسڪول بدين ۾ ڪم واري هنڌ عورتن کي هراسان ٿيڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ واري قانون 2010ع (ايڪٽ نمبر IV آف 2010) بابت آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مڊوائفري اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ٻين عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار کي خطاب ڪندي ضلعي صلاحڪار آفيسر رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سليم رضا بلوچ چيو ته ڪم ڪار وارين جاين تي هراسان ڪرڻ هڪ سنگين مسئلو آهي، جيڪو ڪنهن ساٿي ملازم، آفيسر يا اداري سان لاڳاپيل ڪنهن به شخص طرفان ٿي سگهي ٿو. عورتن کي اهڙي هراسان ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ هي ايڪٽ 2010ع ۾ لاڳو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ محفوظ، باعزت ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي هن چيو ته صوبائي محتسب سنڌ جو ادارو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ماڻهن کي سندن گهرن جي ويجهو انصاف ۽ قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. اڳ هراسان ڪرڻ بابت شڪايتون داخل ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي ڪراچي وڃڻو پوندو هو، پر هاڻي ضلعي سطح تي پڻ شڪايت داخل ڪرائڻ جي سهولت موجود آهي، جنهن سان متاثر عورتن لاءِ انصاف تائين رسائي وڌيڪ آسان ٿي وئي آهي سليم رضا بلوچ چيو ته هر سرڪاري ۽ لاڳاپيل ادارو قانون تحت ڪم واري هنڌ هراسان ڪرڻ جي شڪايتن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ جو پابند آهي. جيڪڏهن ڪنهن شڪايت ڪندڙ کي انڪوائري ڪميٽي جي جوڙجڪ يا ڪارروائي بابت اعتراض هجي ته قانون ۾ موجود طريقيڪار تحت ان بابت پڻ شڪايت ۽ قانوني داد رسي حاصل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته هراسان ڪرڻ جا مختلف روپ ٿي سگهن ٿا، جن ۾ جنسي نوعيت جو رويو، اڻوڻندڙ يا توهين آميز لفظ، پيغام، لکيل يا اليڪٽرانڪ پيغام، نامناسب اشارا، ڌمڪيون يا اهڙو رويو جيڪو ڪم ڪار وارين جاين تي ڪنهن شخص جي عزت، وقار يا تحفظ کي متاثر ڪري شامل آهن. اهڙي ڪنهن به رويي کي برداشت ڪرڻ بدران متاثر شخص کي قانوني حق استعمال ڪندي شڪايت داخل ڪرائڻ گهرجي ضلعي صلاحڪار آفيسر چيو ته شڪايتن ۽ انڪوائري سان لاڳاپيل سموري ڪارروائي کي قانون موجب رازداري سان انجام ڏنو ويندو، جيئن شڪايت ڪندڙ کي ڪنهن قسم جي سماجي يا اداري واري دٻاءَ جو سامنا نه ڪرڻو پوي. هن چيو ته قانون جو بنيادي مقصد سزا ڏيڻ سان گڏ ڪم واري هنڌ تي محفوظ ۽ باوقار ماحول کي يقيني بڻائڻ آهي هن قانون تحت ممڪن سزائن بابت آگاهي ڏيندي چيو ته ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ معافي، وارننگ، انڪريمينٽ روڪڻ، ترقي يا ٽائيم اسڪيل کي مقرر مدي تائين روڪڻ ۽ متاثر شخص يا عورت کي معاوضو ڏيڻ جهڙيون سزائون لاڳو ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ عهدو گهٽائڻ، جبري رٽائرمينٽ ۽ ملازمت مان برطرفي جهڙيون سخت سزائون پڻ قانون تحت ڏئي سگهجن ٿيون هن وڌيڪ چيو ته قانون جو دائرو صرف سرڪاري ادارن تائين محدود ناهي، پر خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي پڻ تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ لاڳاپيل اداري خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿي سگهي ٿي سليم رضا بلوچ چيو ته هراسان ٿيڻ جو مسئلو صرف عورتن تائين محدود نه آهي، مرد پڻ اهڙي رويي جو شڪار ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪوڙي يا بدنِيتي تي ٻڌل شڪايت ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي جو پڻ انتظام موجود آهي. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته ڪنهن به قسم جي هراسان ڪرڻ واري رويي کي خاموشي سان برداشت نه ڪن ۽ پنهنجا قانوني حق استعمال ڪن. هن چيو ته ”خاموشي ٽوڙيو، شڪايت ڪريو“ جو مقصد ماڻهن کي پنهنجن حقن بابت باخبر ڪرڻ ۽ محفوظ ماحول لاءِ آواز اٿارڻ آهي هن ٻڌايو ته قانون تحت شڪايت جي وصولي کانپوءِ مقرر طريقيڪار مطابق ڪارروائي شروع ڪئي ويندي ۽ انڪوائري جي عمل کي قانون ۾ مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته قانوني طريقيڪار تحت محتسب جي فيصلي خلاف به مقرر مدي اندر اپيل يا ريپريزينٽيشن جو حق موجود آهي. ان موقعي تي سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردياڻين ۽ عملي کي هراسان ٿيڻ جي صورت ۾ شڪايت داخل ڪرائڻ جي طريقيڪار، انڪوائري ڪميٽي جي ڪردار، رازداري، متاثر شخص جي قانوني حقن ۽ دستياب داد رسي جي نظام بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن طرفان مختلف سوال پڻ ڪيا ويا. سيمينار ۾ پرنسپل عبدالغني خاصخيلي، ڪميونٽي مڊوائفري اسڪول جون شاگردياڻيون ۽ ٻيو تدريسي ۽ غير تدريسي اسٽاف پڻ موجود هو سيمينار جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪم واري هنڌ تي عورتن کي محفوظ، باعزت ۽ برابري وارو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قانون بابت آگاهي کي وڌيڪ وڌايو وڃي، جيئن هراسان ڪرڻ جي واقعن کي روڪڻ سان گڏ متاثر ماڻهن کي بروقت قانوني تحفظ ۽ انصاف فراهم ٿي سگهي.