اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو، جڏهن ته سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق ڪموڊيٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ ڪروڊ آئل جا آڪٽوبر لاءِ معاهدا 2.53 ڊالر جي اضافي سان 94.01 ڊالرفي بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ جا نومبر ۾ ترسيل جا …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان برقرار
اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو، جڏهن ته سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق ڪموڊيٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ ڪروڊ آئل جا آڪٽوبر لاءِ معاهدا 2.53 ڊالر جي اضافي سان 94.01 ڊالرفي بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ جا نومبر ۾ ترسيل جا معاهدا 1.54 ڊالر جي اضافي سان 98.54 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا.جڏهن ته سون جي قيمت 25.40 ڊالر جي گهٽتائي سان 4451.20 ڊالر في اونس تي اچي وئي. چاندي جي قيمت 0.30 ڊالر جي بهتري سان 67.05 ڊالر في اونس تي پهچي وئي. ڪاروباري سرگرمين دوران جنسن جي قيمتن ۾ به اضافي جو رجحان رهيو ۽ مڪئي جا ڊسمبر لاءِ معاهدا 2.50 ڊالر جي بهتري سان 539.25 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ جا ڊسمبر لاءِ معاهدا 22.25 ڊالر جي اضافي سان 756.25 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا.












