لنڊن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانوي ڪارسازي جيگوار لينڊ روور ايندڙ ٻن سالن دوران اٽڪل 4 هزار ملازمتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو ان جي عالمي افرادي سگهه کان اٽڪل 10 سيڪڙو بڻجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني رضاڪاراڻي عليحدگي جي اسڪيم جو اعلان جرمن ڪار ساز ڪمپني ووڪس ويگن طرفان وڌيڪ 50 هزار ملازمتون ختم ڪرڻ جي اعلان جي ڪجهه ئي ڏينهن بعد ڪيو. اهو فيصلو …
يوريپن ڪار ٺاهڻ واري صنعت بحران جو شڪار، جيگوار لينڊ روور پاران 4 هزار ملازمتون ختم ڪرڻ جو اعلان
لنڊن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانوي ڪارسازي جيگوار لينڊ روور ايندڙ ٻن سالن دوران اٽڪل 4 هزار ملازمتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو ان جي عالمي افرادي سگهه کان اٽڪل 10 سيڪڙو بڻجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني رضاڪاراڻي عليحدگي جي اسڪيم جو اعلان جرمن ڪار ساز ڪمپني ووڪس ويگن طرفان وڌيڪ 50 هزار ملازمتون ختم ڪرڻ جي اعلان جي ڪجهه ئي ڏينهن بعد ڪيو. اهو فيصلو برطانوي لگزري ڪار ساز ڪمپين تي ٿيندڙ سائبر حملن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جاري ڪيل شعبه جاتي ٽيڪسن سبب ڪيترن مهينن کان جاري بحران بعد سامهون آيو آهي. جيگوار جي چيف ايگزيڪيوٽو پي بي بالاجي بيان ۾ چيو آهي ته آٽو موبائيل صنعت کي نمايان چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جتي شديد مقابلي ۽ مسلسل جاگرافيائي سياسي غير يقيني صورتحال وچ ۾ فني تبديليون پيش اچي رهيون آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ڪمپني جو هدف 1.7 ارب پائونڊ (2.3 ارب ڊالر) جي لاڳت ۾ بچت حاصل ڪرڻ به آهي. بالاجي چيو ته ايندڙ 12 مهينن دوران اسان پنج نيون مصنوعات متعارف ڪرائينداسين. پنهنجي برانڊز جي مضبوطي مان فائدو کڻندا رهنداسين ۽ ٻين مارڪيٽن کان علاوه اتر آمريڪا تي پنهنجو ڌيان ٻيهر ڏينداسين ته جيئن آمدني ۾ ڊبل ڊجيٽ جي شرح کان وڌيڪ اضافو حاصل ڪري سگهجي. جيگوار لينڊ روور جي ملازمن جي اڪثريت يعني اٽڪل 34 هزار ماڻهو برطانيا ۾ ڪم ڪندا آهن. هڪ شروعاتي بيان ۾ جي ايل آر ٻڌايو ته انتظامي عهدا خطري جي وَر چڙهيل ملازمتن ۾ شامل آهن. جڏهن ته مقامي ميڊيا رپورٽ مطابق اڪثر ملازمتن ۾ گهٽتائي برطانيه ۾ ڪئي ويندي. برطانيه جي ڪاروبار بابت وزير جوناٿن رينالڊز هلندڙ هفتي جي ايل آر جي اختيارين سان ملاقات ڪرڻ وارو آهي، جنهن ۾ ملازمتن ۾ گهٽتائي جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون وينديون. بالاجي چيو ته اسان تسليم ڪيون ٿا ته اها انهن ساٿين لاءِ مشڪل خبر هوندي جيڪي ان سان متاثر ٿيندا ۽ اسان هر فرد جي سار سنڀال، انصاف ۽ احترام سان گڏ مدد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته اهي سمورا قدم گڏجي ڪري اسان جي سمورن اسٽيڪ هولڊن لاءِ هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ مضبوط جي ايل آر جي تعمير ۾ مدد ڪندا. اها نئين سر تنظيم سازي برطانيه ۾ جيگوار جي پيداوار روڪيندڙ هڪ وڏي سائبر حملي جي هڪ سال کانپوءِ ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪمپني جي مالي معاملن کي به شديد متاثر ڪيو هو. جي ايل آر چيو ته اسان کي پنهنجي تنظيم کي وڌيڪ سادو بڻائڻ، ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ وڌيڪ مضبوط نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي.












