سڄي دنيا ۾ 2023ع ۾ 2.7 بلين ماڻهو سيڪنڊ هينڊ سموڪ سبب متاثر، 17 لک ماڻهو فوت ٿيا: رپورٽ

لنڊن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ 2023ع ۾ اٽڪل 2.7 بلين ماڻهو سيڪنڊ هينڊ سموڪ سبب متاثر ٿيا، جن مان اٽڪل 17 لک فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا ميگزين دي لانسٽ ۾ شايع ٿيل تحقيقي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته 2023ع ۾ سيڪنڊ هينڊ سموڪ سبب متاثر ٿيل 2 ارب 70 ڪروڙ ماڻهن مان 76 ڪروڙ 70 لک ٻار هئا، جن جي عمر 14 سال کان …

لنڊن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ 2023ع ۾ اٽڪل 2.7 بلين ماڻهو سيڪنڊ هينڊ سموڪ سبب متاثر ٿيا، جن مان اٽڪل 17 لک فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا ميگزين دي لانسٽ ۾ شايع ٿيل تحقيقي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته 2023ع ۾ سيڪنڊ هينڊ سموڪ سبب متاثر ٿيل 2 ارب 70 ڪروڙ ماڻهن مان 76 ڪروڙ 70 لک ٻار هئا، جن جي عمر 14 سال کان گهٽ هئي. يو ايس نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ڊيٽا بيس جي انگن اکرن مطابق تماڪ ڇڪڻ عالمي سطح تي بيمارين جو هڪ اهم سبب آهي، ان تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي تماڪ نه ڇڪيندڙ ماڻهن کي تماڪ جي سيڪنڊ هينڊ دونهين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. 2023ع ۾ تماڪ ڇڪڻ بابت بيماريون 80 لک ماڻهن جي موت جو سبب بڻيون. رپورٽ مطابق سيڪنڊ هينڊ سموڪ سبب فوتگين کان علاوه گهڻا ماڻهو وقت کان اڳ معذوري ۽ دل جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيا، خاص طورتي لکين ٻارن کي سيڪنڊ هينڊ سموڪ سبب ساهه جي نالي جا انفيڪشن رپورٽ ٿيا. رپورٽ مطابق سيڪنڊ هينڊ سموڪ سبب متاثر ٿيندڙ تماڪ ڇڪڻ دوران وڌيڪ ۽ گهٽ گرمي پد سبب پيدا ٿيندڙ ٻنهي قسمن جي دونهين سبب متاثر ٿيندا آهن. تماڪ ڇڪڻ دوران گهٽ گرمي پد تي پيدا ٿيندڙ دونهين ۾ زهريلي ۽ ڪينسر پيدا ڪندڙ جزن جو في يونٽ انگ وڌيڪ هوندو آهي. سيڪنڊ هينڊ سموڪ سبب متاثرن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو انگ شامل آهي. رپورٽ ۾ حڪومتن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو عوامي هنڌن ۽ گهرن ۾ تماڪ جي مضبوط ڪنٽرول کي لاڳو ڪن ته جيئن عورتن ۽ ٻارن کي ٻئي هٿ جي دونهين کان بهتر طورتي بچائي سگهجي.