آئس لينڊ ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪي جهنڊي جي نقشي واري پوسٽ تي آمريڪي سفير کي طلب ڪري ورتو

ڪوپن هيگن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي ملڪ آئس لينڊ ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪي جهنڊي جي نقشي اوري پوسٽ تي آمريڪي سفير کي طلب ڪري ورتو، نقشي ۾ آئس لينڊ ۽ ٻين ملڪن کي توسيع ٿيل آمريڪا جو حصو ڏيکاريو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر طرفان ٽروٿ سوشل تي شيئر ڪيل نقشي ۾ آمريڪا، ڪينيڊا، گرين لينڊ، آئس لينڊ، ميڪسيڪو، مرڪزي آمريڪا ۽ ڪيريبين کي آمريڪي جهنڊي …

ڪوپن هيگن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي ملڪ آئس لينڊ ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪي جهنڊي جي نقشي اوري پوسٽ تي آمريڪي سفير کي طلب ڪري ورتو، نقشي ۾ آئس لينڊ ۽ ٻين ملڪن کي توسيع ٿيل آمريڪا جو حصو ڏيکاريو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر طرفان ٽروٿ سوشل تي شيئر ڪيل نقشي ۾ آمريڪا، ڪينيڊا، گرين لينڊ، آئس لينڊ، ميڪسيڪو، مرڪزي آمريڪا ۽ ڪيريبين کي آمريڪي جهنڊي هيٺ ڏيکاريو ويو هو، جڏهن ته سموري خطي تي يونائيٽڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو ليبل لڳل هو. آئس لينڊ جي پرڏيهي وزير آئس لينڊ ۾ آمريڪي سفير بلي لانگ کي طلب ڪري ورتو. بلي لانگ گذريل مهيني ئي باضابطا طور تي عهدو سنڀاليو هو. آئس لينڊ جي پرڏيهي وزارت چيو ته موقف ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته اها پوسٽ مڪمل طور تي نامناسب هئي. آمريڪي پرڏيهي کاتي ڪوپن هيگن ۽ ريڪيا وڪ ۾ آمريڪي سفارتخانن ۽ نوڪ ۾ آمريڪي قونصل خاني تي تبصري جو فوري جواب ناهي ڏنو. آئس لينڊ جي پرڏيهي وزارت به تبصري جي درخواست جو جواب ناهي ڏنو.