پاڪ بحريه جي بهادر سپوتن کي سلام، 8 سيپٽمبر انهن جي عظيم قربانين، بهادري ۽ بيمثال ڪاميابين جي ياد ڏياري ٿو: محسن نقوي

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي،پاڪ بحريه جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته 8 سيپٽمبر اسان کي پاڪ بحريه جي بهادر سپوتن جي عظيم قربانين، شجاعت ۽ بيمثال ڪارنامن جي ياد ڏياري ٿو. گهرو وزير پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته پاڪ بحريه جي جانبازن جي پيشيوراڻيون صلاحيتون، بهادري ۽ …

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي،پاڪ بحريه جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته 8 سيپٽمبر اسان کي پاڪ بحريه جي بهادر سپوتن جي عظيم قربانين، شجاعت ۽ بيمثال ڪارنامن جي ياد ڏياري ٿو. گهرو وزير پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته پاڪ بحريه جي جانبازن جي پيشيوراڻيون صلاحيتون، بهادري ۽ قربانيون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن ۽ سڄي قوم پنهنجي غازين ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته 8 سيپٽمبر 1965ع جو ڏينهن پاڪ بحريه تاريخي ڪاميابين جو باب آهي، جڏهن بحريه جي شير دل جوانن پنهنجي سامونڊي سرحدن جو دفاع ڪري تاريخ رقم ڪئي. محسن نقوي آپريشن دوارڪا جو ذڪر ڪندي چيو ته ان تاريخي ويڙهه ۾ پاڪ بحريه دشمن جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ 1965ع جي جنگ ۾ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪ بحريه جي شاندار تياري سبب دشمن ڪراچي تي حملو ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته پاڪ بحريه جو جديد جنگي صلاحيتون ۽ اعليٰ پيشيوراڻو معيار نه صرف تعريف جوڳو آهي پر پاڪ بحريه جي شهيدن جون عظيم قربانيون پوري قوم جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي.