واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 8 کان 11 سيپٽمبر تي هانگ ڪانگ جو دورو ڪندو

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 8 کان 11 سيپٽمبر تائين هانگ ڪانگ جو دورو ڪندو. وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ سمٽ کي خاص خطاب ۽ اهم سيشنز ۾ شرڪت ڪندو. دوري دوران ڄام ڪمال خان هانگ ڪانگ ۾ مختلف ملڪن جي اعليٰ قيادت ۽ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ …

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 8 کان 11 سيپٽمبر تائين هانگ ڪانگ جو دورو ڪندو. وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ سمٽ کي خاص خطاب ۽ اهم سيشنز ۾ شرڪت ڪندو. دوري دوران ڄام ڪمال خان هانگ ڪانگ ۾ مختلف ملڪن جي اعليٰ قيادت ۽ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ مشهور ڪاروباري ادارن ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو. ترجمان مطابق ملاقاتن ۾ پاڪستان جي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ نئين سيڙپڪاري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. دوري دوران ڄام ڪمال خان هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان به ملاقات ڪندو. دوري جو مقصد عالمي شراڪتدارن سان پاڪستان جي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.