اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته سعودي عرب ۾ 19 کان 22 آڪٽوبر تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ”سعودي ايگريڪلچر ايڪسپو“ ۾ شرڪت لاءِ 20 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش 19 کان 22 آڪٽوبر تائين جاري رهندي. نمائش ۾ سمارٽ فارمنگ، فوڊ پروسيسنگ، پيڪجنگ، لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري …
سعودي عرب ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ 20 سيپٽمبر تائين درخواستون طلب
اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته سعودي عرب ۾ 19 کان 22 آڪٽوبر تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ”سعودي ايگريڪلچر ايڪسپو“ ۾ شرڪت لاءِ 20 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش 19 کان 22 آڪٽوبر تائين جاري رهندي. نمائش ۾ سمارٽ فارمنگ، فوڊ پروسيسنگ، پيڪجنگ، لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري پراڊڪٽس سان لاڳاپيل ماڻهون ۽ ادارا عالمي خريدارن کي پنهنجون شيون پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش بابت وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.












