رياض- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي بحريه جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمد الغريبي بنگلاديشي بحريه جي چيف آف اسٽاف ايڊمرل خندقرب مصباح العظيم ۽ ان سان گڏ آيل وفد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياض ۾ بحريه جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل ملاقات دوران ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بحري فوجي تعاون ۽ گهڻ قومي بحري دفاعي اتحاد جي دائري ۾ تعاون جي پهلوئن تي ڳالهيون …
سعودي بحريه جي سربراهه جي بنگلاديشي هم منصب سان ملاقات
رياض- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي بحريه جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمد الغريبي بنگلاديشي بحريه جي چيف آف اسٽاف ايڊمرل خندقرب مصباح العظيم ۽ ان سان گڏ آيل وفد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياض ۾ بحريه جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل ملاقات دوران ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بحري فوجي تعاون ۽ گهڻ قومي بحري دفاعي اتحاد جي دائري ۾ تعاون جي پهلوئن تي ڳالهيون ڪيون. ان کانسواءِ سامونڊي چُرپُر ۽ بحري مواصلاتي رخن جي سيڪيورٽي بابت خطرن ۽ چئلينجز جو پڻ جائزو ورتو ويو.












