آمريڪي صدر توسيع ٿيل آمريڪي علائقي جي عڪاسي ڪندڙ نقشو شيئر ڪري ڇڏيو

واشنگٽن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙو نقشو شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ ڪينيڊا، ميڪسيڪو، ڪيوبا ۽ خطي جي ٻين علائقن کي توسيع ٿيل آمريڪا جو حصو ڏيکاريو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي پوسٽ ڪيل اهو ظاهري طور مصنوعي ذهانت سان تيار ڪيل نقشو آمريڪا سان گڏ ڪينيڊا، ميڪسيڪو، ڪيوبا ۽ گرين …

واشنگٽن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙو نقشو شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ ڪينيڊا، ميڪسيڪو، ڪيوبا ۽ خطي جي ٻين علائقن کي توسيع ٿيل آمريڪا جو حصو ڏيکاريو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي پوسٽ ڪيل اهو ظاهري طور مصنوعي ذهانت سان تيار ڪيل نقشو آمريڪا سان گڏ ڪينيڊا، ميڪسيڪو، ڪيوبا ۽ گرين لينڊ تي آمريڪي جهنڊو ڏيکاري ٿو. گرين لينڊ ڊينمارڪ جي مملڪت اندر هڪ خود مختيار علائقو آهي. نقشي ۾ اتر آمريڪا ۽ ڪيريبين جا ڪيترا ئي ملڪ ۽ علائقا به ڏيکاريا ويا آهن. ڊونلڊ ٽرمپ ان تصوير سان ڪا وضاحت يا ڪيپشن ناهي ڏنو.