ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ايس سي او اجلاس لاءِ 30 بلٽ پروف گاڏين جي خريداري لاءِ گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي)ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ايس سي او سربراهي اجلاس دوران ملڪي سربراهن جي اچ وڃ لاءِ 30 بلٽ پروف گاڏين جي خريداري لاءِ 6.6 ارب روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ فاطمه فرٽيلائيزرز ۽ ايگري ٽيڪ کي موجوده انتظامن تحت 30 سيپٽمبر 2026ع تائين گئس جي فراهمي جاري رکڻ جي به منظوري ڏني وئي. ڪابينا …

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي)ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ايس سي او سربراهي اجلاس دوران ملڪي سربراهن جي اچ وڃ لاءِ 30 بلٽ پروف گاڏين جي خريداري لاءِ 6.6 ارب روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ فاطمه فرٽيلائيزرز ۽ ايگري ٽيڪ کي موجوده انتظامن تحت 30 سيپٽمبر 2026ع تائين گئس جي فراهمي جاري رکڻ جي به منظوري ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيپٽمبر 2027ع ۾ پاڪستان ۾ رٿيل شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهي اجلاس دوران ملڪن جي سربراهن جي اچ وڃ لاءِ بلٽ پروف گاڏين جي خريداري جي حوالي سان 12.6 ارب روپين جي فني ضمني گرانٽ بابت سمري جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي انهن تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ڀرپور مشاورت کانپوءِ 30 بلٽ پروف گاڏين جي خريداري 6.6 ارب روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي ڪابينا ڊويزن کي اضافي ضرورت جي صورت ۾ ٻيهر سمري پيش ڪرڻ، ڪنهن به واڌو گهرج لاءِ ضرورت جو جامع تجزيو ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي معاملو ٻيهر ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاران تماڪ جي فصل جي گهٽ ۾ گهٽ قيمتن ۽ مالي سال 2027ع لاءِ سيس جي شرح ۾ نظرثاني بابت سمري جو به پڻ جائزو ورتو ويو. تفصيلي بحث مباحثي کانپوءِ ڪميٽي نتيجو ڪڍيو ته هن تجويز لاءِ وڌيڪ دليلن جي ضرورت آهي، اي سي سي ايجنڊا ملتوي ڪندي وزارت کي جواز جوڳي تجزئي سان گڏ ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي گوادار فري زون مان گڏهه جي گوشت ۽ کلن جي روانگي واپار سان جڙيل مسئلن جي حل لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي سفارشن جو پڻ جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل وزارت جي تجويز ڪيل سمورن لازمي حفاظتي تدبيرن سان گڏ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ فاطمه فرٽيلائيزرز ۽ ايگري ٽيڪ کي موجوده انتظامن تحت 30 سيپٽمبر 2026ع تائين گئس جي فراهمي جاري رکڻ بابت قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق جي وزارت جي تجويز جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت طرفان دانش اسڪولز اٿارٽي فنڊ لاءِ انڊومنٽ فريم ورڪ تحت فني ضمني گرانٽ بابت سمري جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پاڪستان اسڪلز امپيڪٽ بانڊ جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت کي پاڪستان حڪومت جي ضمانت جي مدت ۾ واڌ بابت انهن قدمن تي ٺوس اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي 30 سيپٽمبر 2026ع جي ڊيڊ لائين ڏني وئي.