اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني تعليم جي موقعن تائين پهچ کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، خاص طور تي انهن ٻارن ۽ بالغ ماڻهن جي لاءِ جيڪي باضابطا تعليمي نظام کان ٻاهر آهن. تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف …
تعليم جي موقعن تائين پهچ کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني تعليم جي موقعن تائين پهچ کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، خاص طور تي انهن ٻارن ۽ بالغ ماڻهن جي لاءِ جيڪي باضابطا تعليمي نظام کان ٻاهر آهن. تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته تعليم ماڻهو کي باخبر فيصلا ڪرڻ، موقعن مان فائدو کڻڻ ۽ معاشري ۾ وڌيڪ موثر انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ لازمي آهي. هن تعليمي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ غيررسمي تعليم، بالغن جي تعليم ۽ هنرمندي جي فروغ کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وقتي صدر چيو ته تيزي سان بدلجندڙ ٽيڪنيڪي ماحول جي ڏس ۾ بنيادي تعليم سان گڏ ڊيجيٽل صلاحيتن ۽ عملي مهارتن تي پڻ وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن تي خاص ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو ته جيئن تعليم ۽ سکڻ جي موقعن تائين پهچ کي وسيع ڪري سگهجي. هن تعليم جي فروغ ۾ استادن، والدين، تعليمي ماهرن ۽ ڪميونٽي ورڪرز جي اهم ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ چيو ته ايندڙ نسلن جي جوڙجڪ ۾ انهن جون خدمتون مسلسل تعاون ۽ اعتراف جون مستحق آهن. سيد يوسف رضا گيلاني وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، تعليمي ادارن، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي تي زور ڏنو ته اهي سڄي ملڪ ۾ سکڻ ۽ علم جي فروغ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن.












