نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ وزيراعظم پاران وفاقي حڪومت ۾ ڀرتين جي تجويز ڪيل سڌارن ۽ نيشنل جاب پورٽل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جو ٻيو ۽ آخري اجلاس

اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ وزيراعظم پاران وفاقي حڪومت ۾ ڀرتين جي تجويز ڪيل سڌارن ۽ نيشنل جاب پورٽل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جو ٻيو ۽ آخري اجلاس منعقد ٿيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪميٽي پاران سرانجام ڏنل ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي رپورٽ جي …

اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ وزيراعظم پاران وفاقي حڪومت ۾ ڀرتين جي تجويز ڪيل سڌارن ۽ نيشنل جاب پورٽل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جو ٻيو ۽ آخري اجلاس منعقد ٿيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪميٽي پاران سرانجام ڏنل ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن هدايت ڪئي ته ڪميٽي جي غور فڪر دوران سامهون ايندڙ تجويزن کي رپورٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ حتمي رپورٽ وزيراعظم جي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. ان موقعي تي اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تجويز ڪيل سڌارن سان وفاقي حڪومت ۾ ڀرتين جو نظام تيز رفتار، شفاف، ميرٽ تي ٻڌل ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ بڻائڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته ڀرتين جو عمل حڪومت وٽ ئي برقرار رهندو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي سيڪريٽري سميت لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي.