نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي …

اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ ايندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.