اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) چٽاڀيٽي مارڪيٽ (سي ٽي بي سي ايم) تحت بجلي جي نظام تائين سڌي ريت رسائي حاصل ڪرڻ وارن صارفين لاءِ يوز آف سسٽم چارج جي تعين بابت نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان مطابق وفاقي وزير چيو ته …
سردار اويس احمد خان لغاري پاران سي ٽي بي سي ايم تحت بجلي جي نظام تائين سڌي ريت رسائي حاصل ڪندڙ صارفين لاءِ يوز آف سسٽم چارج جي تعين بابت نيپرا جي فيصلي جي آجيان
اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) چٽاڀيٽي مارڪيٽ (سي ٽي بي سي ايم) تحت بجلي جي نظام تائين سڌي ريت رسائي حاصل ڪرڻ وارن صارفين لاءِ يوز آف سسٽم چارج جي تعين بابت نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان مطابق وفاقي وزير چيو ته يوز آف سسٽم چارج جو تعين پاڪستان جي بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ جديد ڪاري جو هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. اها سي ٽي بي سي ايم تحت سڌي ريت رسائي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ گهربل آخري اهم ريگوليٽري قدم هو، جنهن سان پاڪستان جي پهرين سي ٽي بي سي ايم نيلامي جي عمل لاءِ آر ايف پي جاري ڪرڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي. هن چيو ته چٽاڀيٽي بجلي مارڪيٽ جو قيام پاور سيڪٽر سڌارن جي وسيع ايجنڊا جو اهم حصو آهي جنهن تحت پاڪستان کي روايتي واحد خريدار تي ٻڌل مارڪيٽ کان هڪ چٽاڀيٽي ۽ صارف ِتي ٻڌل بجلي مارڪيٽ طرف منتقل ڪرڻ لاءِ ضروري ادارا جاتي، ريگوليٽري، فني ۽ مارڪيٽ سان لاڳاپيل گهرجون پوريون ڪيون آهن. ان ڳڀرائي کانپوءِ اهل صنعتي صارفين پهريون ڀيرو پنهنجي لاڳاپيل ڊسٽري بيوشن ڪمپينن کان بجلي خريدڻ تائين محدود رهڻ بدران چٽاڀيٽي مارڪيٽ ذريعي پنهنجي پسند جي بجلي فراهم ڪندڙ ادارن کان ٻطرفي بنيادن تي بجلي خريد سگهندا. هن چيو ته چٽاڀيٽي مارڪيٽ جا فائدا صنعتي صارفين تائين محدود نه هوندا پر عام صارفين کي به فائدو پهچائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. بجلي جي خريداري ۾ چٽاڀيٽي وڌيڪ موثر پيداوار، موجوده پاور پلانٽس جي بهتر استعمال، بهتر قيمت ۽ قابل اعتماد بجلي جي فراهمي ۽ بجلي جي ويليو چين ۾ موجود نا اهلين ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته چٽاڀيٽي مارڪيٽ تجديد جوڳي توانائي، بيٽري انرجي اسٽوريج ۽ ٻين لچڪيدار توانائي وسيلن جي شموليت کي به هٿي ڏيندي جنهن سان مقامي ۽ گهٽ لاڳت توانائي وسيلن جي بهتر استعمال، نظام جي قابل اعتماد ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ مهانگي ٻاهران گهرايل ٻارڻ تي دارومدار ۾ گهٽتائي ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير نيپرا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته يوز آف سسٽم چارج جو فيصلو سڌي ريت رسائي لاءِ ضروري ريگوليٽري فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. ۽ توانائي وزارت، نيپرا ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي مربوط ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو.












