اي اين ايف پاران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، 8 ڪارروائين ۾ 8 جوابدار گرفتار

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس(اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 8 ڪارروائين دوران 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري 21 ڪروڙ 21 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 364.6 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف ترجمان مطابق پشاور ايئرپورٽ تي جده ويندڙ مسافر جي بيگ مان 330 گرام آئس، 270 گرام هيروئن هٿ ڪري جوابدار …

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس(اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 8 ڪارروائين دوران 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري 21 ڪروڙ 21 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 364.6 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف ترجمان مطابق پشاور ايئرپورٽ تي جده ويندڙ مسافر جي بيگ مان 330 گرام آئس، 270 گرام هيروئن هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. سنگجاني ٽول پلازه ويجهو رڪشا مان 52.8 ڪلو گرام چرس، 5.4 ڪلو گرام آفيم هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. کوٽ لکپت لاهور ويجهو موٽر سائيڪل سوار 2 جوابدارن کان 6 ڪلو گرام آفيم هٿ ڪئي وئي. اهڙي طرح حيدرآباد ۾ مل ويجهو مسافر جي قبضي مان 3.6 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتي، جڏهن ته منڊي موڙ اسلام آباد ويجهو گاڏي مان 1.2 ڪلو گرام چرس، 1 ڪلو گرام آئس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ويسٽرن بائي پاس ڪوئيٽا ويجهو 150 ڪلو گرام هيروئن، جڏهن ته شاڪس جمرود ڊسٽرڪٽ خيبر ويجهو گاڏي مان 144 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتي. ساڳئي طرح ڪوٽ لکپت لاهور ۾ هڪ ٻئي ڪارروائي ۾ ڪوريئر آفيس ۾ انورٽر ۾ لڪايل 8.4 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتي. ڪارروائين جو منشيات جي روڪٿام ايڪٽ 1997ع تحت ڪيسن داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.