ڪراچي- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي، معاشي ۽ قومي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيد مراد علي شاهه فيصل ڪريم ڪنڊي جو وزيراعليٰ هائوس پهچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ هيءَ ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ اهم …
سنڌ جي وڏي وزير سان فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات
ڪراچي- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي، معاشي ۽ قومي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيد مراد علي شاهه فيصل ڪريم ڪنڊي جو وزيراعليٰ هائوس پهچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ هيءَ ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ اهم قومي توڙي صوبائي معاملن تي گڏيل مشاورت ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سنڌ ۽ خيبرپختونخوا وچ ۾ گڏيل سهڪار، لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ صوبن وچ ۾ تجربن جي ڏي وٺ کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. چيف منسٽر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ملاقات دوران سنڌ جي وڏي وزير بين الصوبائي هم آهنگي کي قومي ترقيءَ لاءِ بنيادي اهميت جو حامل قرار ڏيندي چيو ته وفاق تڏهن ئي مضبوط ٿيندو جڏهن صوبا مضبوط ٿيندا، ان ڪري صوبن وچ ۾ سهڪار وقت جي اهم ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي اختلافن کان وڌيڪ گڏيل مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ وفاق توڙي صوبن وچ ۾ بهتر رابطاڪاري ۽ سهڪار کي وڌائڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته سياسي استحڪام ۽ جمهوري عمل جو تسلسل ملڪي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ۽ عوام جي مسئلن جو حل پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين ترجيح آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سنڌ ۽ خيبرپختونخوا سميت سمورا صوبا پاڪستان جي ترقيءَ ۾ برابر جا ڀاڱيوار آهن ۽ ٻنهي اڳواڻن قومي ٻڌي، جمهوري قدرن ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.(












