چين پاڪستان جو سچو دوست آهي، هر آزمائش ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو: قيصر احمد شيخ

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته چين پاڪستان جو مخلص دوست آهي جنهن هر آزمائش ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، هاڻ اهو اسان تي آهي ته هن تعاون مان ڪيترو فائدو کڻي سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن امپيڪ اسٽريٽيجيز جي چائنا ڊيسڪ جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته سي …

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته چين پاڪستان جو مخلص دوست آهي جنهن هر آزمائش ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، هاڻ اهو اسان تي آهي ته هن تعاون مان ڪيترو فائدو کڻي سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن امپيڪ اسٽريٽيجيز جي چائنا ڊيسڪ جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ منصوبن کي ماضي ۾ وڏو نقصان پهچايو ويو جڏهن ته موجوده حڪومت چين سميت دنيا جي سيڙپڪارن کي بهتر ماحول ۽ سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. چائنا گلوبل پروفيشنل ٽيڪنيڪل سرٽيفڪيشن جي چيئرپرسن گلمينه بلال چيو ته چين نئين نسل جي آءِ ٽي، نئين توانائي، روبوٽڪس، بائيو ميڊيشن، هاءِ اينڊ اوزار، ايوي ايشن ۽ ايرو اسپيس سميت 8 اسٽريٽجڪ شعبن جڏهن ته ڪوانٽم ٽيڪنالاجي، بايو مينوفيڪچرنگ، هائيڊروجن ۽ فيوزن انرجي، برين ڪمپيوٽر انٽرفيس ۽ 6 جي سميت مستقبل جي صنعتن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. پاڪستان کي انهن شعبن سان عالمي معيار جي فني مهارت رکندڙ افرادي قوت تيار ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو. امپيڪ اسٽريٽيجيز جي چائنا ڊيسڪ جي نئين پاليسي پيپر انڊر اسٽينڊنگ چائنا، چائنا جي اڪانومي اينڊ انڊسٽريل پاليسي ۾ تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان کي وڌيڪ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي تبديل ٿيل معاشي صنعتي ترجيحن موجب پنهنجي اداره جاتي صلاحيت بهتر ڪرڻي پوندي. رپورٽ جي لاچنگ جي تقريب سومر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ ٿي جنهن ۾ خاص مهمان سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير هو، رپورٽ موجب چين جو 15 هون پنج سالا منصوبو 2026ع کان 2030ع تائين صنعتي ۽ فني ترقي، پيداوار صلاحيت ۽ جدت تي ٻڌل آهي، جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي تعاون جو پهريون ڏهاڪو گهڻو ڪري انفرا اسٽرڪچر ۽ فنانسنگ جي چوڌاري گهمندو رهيو. چين هاڻي هن ماڊل کان اڳتي وڌي چڪو آهي، ان لاءِ پاڪستان کي به پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻي پوندي ۽ چيني معيشت جي نون رخن موجب ترجيحون طئي ڪرڻيون پونديون. رپورٽ ۾ چيو ويو ته چين جي نئين صنعتي پاليسي جو مرڪزي تصور نيون معياري پيداواري قوتون آهن جنهن ۾ سستي مزدوري بدران ٽيڪنالاجي، جدت ۽ پيداواري صلاحيت کي ترجيح ڏني پئي وڃي، چين 2024ع ۾ سڄي دنيا ۾ لڳايل صنعتي روبوٽس جو 54 سيڪڙو، يعني 2 لک 95 هزار روبوٽس لڳايا جڏهن ته تحقيق ۽ ترقي تي 2025ع ۾ 3.93 ٽريلين يو آن خرچ ڪيا ويا. رپورٽ موجب پاڪستان جي چين ڏانهن روانگي واپار ۾ رڪارڊ واڌارو ٿيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري عدم توازن وڌي رهيو آهي. مالي سال 26-2025ع ۾ چين کي پاڪستاني روانگي واپار اٽڪل 10 سيڪڙو واڌ سان 2.67 ارب ڊالر آهي جنهن کانپوءِ چين آمريڪا کانپوءِ پاڪستاني شين جي ٻي وڏي مارڪيٽ بڻجي ويو. ٻئي طرف چين کان پاڪستان ڏانهن آمدني واپار 14 سيڪڙو  کان وڌي اٽڪل 22.2 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، ائين ٻطرفو واپاري خسارو اٽڪل 19.53 ارب ڊالر رهيو جيڪو هڪ سال ۾ اٽڪل 2.4 ارب ڊالر وڌيو.