وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران پاڪستان نيوي ڊي جي موقعي تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان نيوي ڊي جي موقعي تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪي سامونڊي سرحدن، سامونڊي سلامتي ۽ قومي مفادن جي تحفظ ۾ انهن جي ڪردار کي ساراهيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته پاڪستان نيوي ڊي پاڪ بحريه جي جرئت، قربانين ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن کي ياد ڪرڻ جو …

اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان نيوي ڊي جي موقعي تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪي سامونڊي سرحدن، سامونڊي سلامتي ۽ قومي مفادن جي تحفظ ۾ انهن جي ڪردار کي ساراهيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته پاڪستان نيوي ڊي پاڪ بحريه جي جرئت، قربانين ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته 1965ع جي جنگ دوران پاڪ بحريه غيرمعمولي بهادري ۽ حڪمت عملي جو مظاهرو ڪندي ملڪ جي سامونڊي حدن جي دفاع جي عزم جو ثبوت ڏنو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني آپريشن سومناٿ کي پاڪ بحريه جي حڪمت عملي، جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت جو هڪ نمايان مثال قرار ڏيندي چيو ته ان آپريشن دشمن جي دفاعي صلاحيتن کي نمايان نقصان پهچايو ۽ اهو ملڪي دفاعي تاريخ جو هڪ فخر جوڳو باب آهي. هن چيو ته گذريل سالن دوران پاڪ بحريه هڪ جديد ۽ گهڻ رخي قوت جي طور تي ترقي ڪري چڪي آهي جيڪا دفاعي ۽ علائقائي سطح تي اڀرندڙ نئين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وقتي صدر موجب پاڪ بحريه رڳو ملڪي سامونڊي سرحدن جي دفاع تائين محدود نه آهي پر سامونڊي سلامتي، سامونڊي واپاري رستن جي تحفظ، عالمي امن مشنز ۽ قدرتي آفتن دوران انساني امداد ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته معرڪه حق ۽ آپريشن بُنيان مرصوص دوران پڻ پاڪ بحريه ملڪ جي سامونڊي سرحدن جي تحفظ جي لاءِ ڀرپور چوڪسي ۽ تياري برقرار رکي. سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ جي دفاع ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ بحريه جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. هن غازين جي خدمتن کي پڻ ساراهيندي چيو ته انهن جون پيشيواراڻيون خدمتون پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳيون آهن. وقتي صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ تعاون جي لاءِ پُرعزم آهي جڏهن ته ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪ بحريه پنهنجي پيشيواراڻي روايتن ۽ اعلى معيار کي برقرار رکندي پاڪستان جي سامونڊي سرحدن جي دفاع جي عزم کي جاري رکندي. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪ بحريه جي سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم پنهنجي سامونڊي محافظن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.