چين ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال، عظيم ديوار چين تي شاندار گالا ڪنسرٽ

بيجنگ- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي مناسبت سان روشن بادالنگ عظيم ديوار چين تي شاندار پس منظر ۾ اين اوڊٽو آئرن ڪليڊ فرينڊشپ جي عنوان سان 2026ع بيجنگ انٽرنيشنل گريٽ وال ڪنسرٽ منعقد ٿيو، جتي روايتي چيني موسيقي ۽ پاڪستاني صوفي قواليءَ جا آواز وانگ جنگ اسڪوائر ۾ گونجندا رهيا. تقريب جو گڏيل بندوبست بيجنگ ۾ …

بيجنگ- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي مناسبت سان روشن بادالنگ عظيم ديوار چين تي شاندار پس منظر ۾ اين اوڊٽو آئرن ڪليڊ فرينڊشپ جي عنوان سان 2026ع بيجنگ انٽرنيشنل گريٽ وال ڪنسرٽ منعقد ٿيو، جتي روايتي چيني موسيقي ۽ پاڪستاني صوفي قواليءَ جا آواز وانگ جنگ اسڪوائر ۾ گونجندا رهيا. تقريب جو گڏيل بندوبست بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ چائنا انٽرنيشنل ڪلچرل ڪميونيڪيشن سينٽر ڪيو، جڏهن ته يان چنگ ڊسٽرڪٽ جي عوامي حڪومت تعاون فراهم ڪيو. ان تقريب ۾ اعليٰ سفارتڪارن، پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽرين ۽ سفيرن، چيني معززن ۽ فنڪارن شرڪت ڪئي. تقريب ٻنهي ملڪن جي گڏيل ثقافتي ورثي ۽ فن ذريعي گڏيل ڳالهين کي اجاڳر ڪيو. چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي مهمانن جي آجيان ڪندي چيو ته تقريب جو هنڌ پاڻ پاڪستان ۽ چين جي گهري تهذيبي رابطن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته بادالنگ عظيم ديوار پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ خصوصي تاريخي اهميت رکي ٿي ڇو ته واچ ٽاورز 6 ۽ 7 وچ ۾ ديوار جي هڪ حصي جي 1989ع ۾ پاڪستان حڪومت جي تعاون سان مرمت ۽ بحالي ڪئي وئي هئي. پاڪستاني سفير چيو ته موسيقي جذبن کي آواز ڏئي ٿي، جڏهن ته رقص ان کي شڪل ۽ حرڪت عطا ڪري ٿو. هن چيو ته ٻئي فن گڏجي ثقافتي ورثي کي صرف ياد رکڻ بجاءِ هڪ زنده تجربي ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. هن چيو ته اها تقريب ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود پراڻي ثقافتي قربت کي اڳتي وڌائي ٿي.