اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 2400 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 63 هزار 136 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار 400 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 63 هزار 1 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2058 رپين …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2400 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ
اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 2400 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 63 هزار 136 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار 400 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 63 هزار 1 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2058 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 99 هزار 122 رپين مان گهٽجي 3 لک 97 هزار 064 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 65 هزار 875 رپين مان گهٽجي 3 لک 63 هزار 988 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 39 روپين جي گهٽتائي کانپوءَ 7059 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 34 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6051 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4430 ڊالرز مان گهٽجي 4406 ڊالرز ٿي وئي.











