سنڌ جي گورنر پاران هوائي فوج جي ڏينهن تي پنهنجي خاص پيغام

ڪراچي- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي هوائي فوج جي ڏينهن تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 7 سيپٽمبر هوائي فوج جي شاهينن جي جرئت، بهادري، پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن 1965ع جي جنگ ۾ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي وطنِ عزيز جي دفاع جي شاندار تاريخ …

ڪراچي- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي هوائي فوج جي ڏينهن تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 7 سيپٽمبر هوائي فوج جي شاهينن جي جرئت، بهادري، پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن 1965ع جي جنگ ۾ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي وطنِ عزيز جي دفاع جي شاندار تاريخ رقم ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ايم ايم عالم سميت پاڪ فضائيه جي سڀني شهيدن ۽ غازين کي سڄي قوم سلامِ پيش ڪري ٿي. وطن جي دفاع لاءِ هوائي فوج جي شاهينن جون قربانيون اسان جي قومي تاريخ جو فخر جوڳو باب آهن. هن چيو ته پاڪستان جي دفاع ۽ ملڪي سلامتي جي تحفظ ۾ پاڪستان جي هوائي فوج جو ڪردار هميشه فخر جوڳو ۽ تعريف جوڳو رهيو آهي. پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت، نظم ۽ ضبط، جرئت ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي واکاڻ جوڳي آهي. هن چيو ته شهيدن ۽ غازين جون قربانيون اسان کي وطن جي دفاع ۽ قومي سلامتي لاءِ هر وقت تيار رهڻ جو درس ڏين ٿيون. هن چيو ته اسان پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ متحد ۽ پرعزم آهيون، پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ دفاع جي تحفظ لاءِ ڪنهن قرباني کي پاسو نه ڪنداسين.