اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان جي موسمياتي تبديلي سبب متاثر شهرن ۽ ڪمزور ۽ غريب آبادين جي مسئلن جي حل لاءِ ڊگهي طريقيڪار ۽ ترقياتي سڌارن بجاءِ عملي، ڪميونٽي تي ٻڌل ۽ ڊگهي قدمن تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه هن سومر ڏينهن بوليويا سان تعلق رکندڙ گڏيل قومن جي اداري يو اين هيبي ٽيٽ …
وفاقي وزير مصدق ملڪ سان گڏيل قومن جي اداري يو اين هيبي ٽيٽ جي آفيسر او ڊي اينجيلو جي ملاقات
اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان جي موسمياتي تبديلي سبب متاثر شهرن ۽ ڪمزور ۽ غريب آبادين جي مسئلن جي حل لاءِ ڊگهي طريقيڪار ۽ ترقياتي سڌارن بجاءِ عملي، ڪميونٽي تي ٻڌل ۽ ڊگهي قدمن تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه هن سومر ڏينهن بوليويا سان تعلق رکندڙ گڏيل قومن جي اداري يو اين هيبي ٽيٽ جي آفيسر او ڊي اينيجيلو سان ملاقات دوران ڪئي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ ترقياتي منصوبن ۾ دير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاليسي سازي ۽ عالمي تعاون جو حتمي مقصد زميني سطح تي عملي ڪم ۽ عوامي مسئلن جو حل هئڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي اثرائتو ۽ نتيجا ڏيندڙ ڪم گهرجي. اثرائتيون پاليسي تجويزون آڻيون، اسان تعاون ڪنداسين ۽ ان کي عملي جامو پارائينداسين. هن سمورن لاڳاپيل ادارن تي زور ڀريو ته غيرضروري دير ۽ رڪاوٽن کي گهٽ ڪري منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. سندس چوڻ هو ته اهڙا منصوبا جوڙيا وڃن جيڪي ڪميونٽي جي شموليت سان مڪمل هجن، پاڻ ڀرو هجن ۽ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به لاڳو ڪري سگهجن. هن چيو ته مختلف ادارن ۽ ترقياتي ڀائيوارن طرفان ماضيءَ ۾ سٺو ڪم ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهي قدم اڪثر وکريل هوندا آهن ۽ ان جي مجموعي اثرن کي اثرائتي انداز ۾ سامهون ناهي آندو ويو. وفاقي وزير گدلي پاڻيءَ وارن علائقن ۾ واٽر ٽريٽ مينٽ پلانٽس، ٻوڏ کان تحفظ ۽ موسمياتي لچڪ جي منصوبن سميت بنيادي شهري سهولتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير نيشنل اربن اسٽريٽجي کي پاليسيءَ کان عملي قدمن م تيزي سان منتقل ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارن، گڏيل قومن جي ادارن، ترقياتي ڀائيوارن، مقامي حڪومتن ۽ ڪميونٽيز وچ ۾ اثرائتو رابطو ضروري آهي. هن پاڪستان جي نوجوانن لاءِ بزنس ۽ انوويشن آئيڊياز مقابلا شروع ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني جنهن ذريعي موسمياتي تبديلي، عوامي تحفظ، ڪمزور شهري علائقن، ٻوڏ کي منهن ڏيڻ، ٽيڪنالاجي، ايجادن، پاڻي ۽ گرين انڊسٽري سميت مختلف شعبن ۾ تخليقي حل ڳولهي سگهجن. هن چيو ته پاڪستان ۾ صلاحيت، خيالن ۽ انساني وسيلن جي کوٽ ناهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خيالن کي تيزي سان عمل ۾، ڪامياب منصوبن کي توسيع جوڳن ماڊلز ۾ ۽ پاليسي بحث کي عوامي مسئلن جي عملي حل ۾ تبديل ڪيو وڃي.












