هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي ترڪيه جي تعاون ۽ رابطا ايجنسي جي ڊائريڪٽر ۽ ترڪيه جي سفارتخاني جي اختيارين سان ملاقات

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز احمد اختر، ترڪيه جي تعاون ۽ رابطا ايجنسي (ٽيڪا) جي ڊائريڪٽر ۽ ترڪيه جي سفارتخاني جي اختيارين سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ تعليمي حصيداري جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ترڪيه جي اعليٰ تعليمي ادارن وچ ۾ …

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز احمد اختر، ترڪيه جي تعاون ۽ رابطا ايجنسي (ٽيڪا) جي ڊائريڪٽر ۽ ترڪيه جي سفارتخاني جي اختيارين سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ تعليمي حصيداري جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ترڪيه جي اعليٰ تعليمي ادارن وچ ۾ اداره جاتي تعاون، علم ۽ تجربن جي مٽا سٽا ۽ تعليمي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي مختلف امڪانن تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم تعليمي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن اعليٰ تعليمي ۽ تحقيق جي شعبن ۾ گڏيل تعاون ۽ حصيداري کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو.