اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته فضائيه ڏهاڙي جي موقعي تي بهادر فضائي جانبازن جي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪستاني فضائي حدن جي بهادري سان دفاع کان وٺي مئي 2025ع ۾ معرڪه …
فضائيه ڏهاڙي جي موقعي تي بهادر فضائي جانبازن جي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته فضائيه ڏهاڙي جي موقعي تي بهادر فضائي جانبازن جي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪستاني فضائي حدن جي بهادري سان دفاع کان وٺي مئي 2025ع ۾ معرڪه حق دوران فيصلائتي جواب تائين، پاڪ فضائيه بهادري، پيشيواراڻي مهارت، صحيح نشاني ۽ قرباني جي پنهنجي فخر جوڳي روايت کي برقرار رکيو آهي. غيرمعمولي تياري، جديد ٽيڪنالاجي ۾ مهارت ۽ پاڪ فوج جي ٻين سروسز سان بهترين هم آهنگي جي ذريعي پاڪ فضائيه ڪيترائي ڀيرا ثابت ڪيو آهي ته هو هر چئلينج جي مقابلي ۾ پاڪستان جي خودمختياري جو دفاع ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، جن جون عظيم قربانيون سدائين قوم جي يادن ۾ نقش رهنديون. هن چيو ته پوري قوم کي پاڪ فضائيه تي فخر آهي.












