پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارت جي بي بنياد دعوائن کي واضح طور تي رد ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس ترجمان سفير سجاد حيدر خان

اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير سجاد حيدر خان چيو آهي ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارت جي بي بنياد دعوائن کي واضح طور تي رد ڪري ٿو، جيڪي عالمي طور تي تسليم ٿيل حقيقتن جي ابتڙ آهن. ڀارت جا هڪطرفا قدم ۽ مسلسل غيرقانوني قبضو ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت تبديل کي نٿا ڪري …

اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير سجاد حيدر خان چيو آهي ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارت جي بي بنياد دعوائن کي واضح طور تي رد ڪري ٿو، جيڪي عالمي طور تي تسليم ٿيل حقيقتن جي ابتڙ آهن. ڀارت جا هڪطرفا قدم ۽ مسلسل غيرقانوني قبضو ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت تبديل کي نٿا ڪري سگهن. ڀارت جي پرڏيهي وزارت پاران تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير جي نقشي بابت جاري ڪيل بيان بابت ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود قديم ترين حل طلب ۽ عالمي سطح تي مڃيل تڪرارن مان هڪ آهي. گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ان تڪرار جو حتمي فيصلو سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪرڻ گهرجي، جنهن جو اظهار گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ٿئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي سرڪاري نقشي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ تڪراري علائقو ظاهر ڪيو ويو آهي، ان جي موجوده قانوني حيثيت جي واحد مستنند نقشه جاتي نمائندگي آهي. ڀارت جي نام نهاد سرڪاري نقشن ۽ هٿ ٺوڪي خودمختياري جي دعوائن جو تڪراري علائقي جي حيثيت تي ڪو اثر نه ٿو پوي. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀري ٿو ته اها ڀارت کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي روڪڻ ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي وچن جي تڪميل تي راضي ڪري، جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي عين موجب آهي.