پاڪ فضائيه جي شهيدن ۽ غازين جون 1965ع جي جنگ ۾ قربانيون قومي تاريخ جو فخر جوڳو باب آهن: سردار اياز صادق

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق يوم فضائيه جي موقعي تي پاڪ فضائيه جي شهيدن، غازين ۽ شاهينن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فضائيه ملڪي خودمختياري، قومي سلامتي ۽ فضائي حدن جي دفاع ۾ هميشه غير معمولي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه جي شهيدن ۽ غازين جون قربانيون …

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق يوم فضائيه جي موقعي تي پاڪ فضائيه جي شهيدن، غازين ۽ شاهينن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فضائيه ملڪي خودمختياري، قومي سلامتي ۽ فضائي حدن جي دفاع ۾ هميشه غير معمولي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه جي شهيدن ۽ غازين جون قربانيون قومي تاريخ جو فخر جوڳو باب آهن. قوم پنهنجي بهادر سپوتن جي قربانين ۽ شجاعت کي هميشه ياد رکندي. سومر ڏينهن يوم فضائيه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فضائيه محدود وسيلن باوجود پنهنجي پيشيواراڻي برتري، جرئت ۽ جنگي مهارت جو شاندار مظاهرو ڪندي ملڪي فضائي حدن جو دفاع ڪيو ۽ دشمن جي فضائي حملن جو ڀرپور جواب ڏنو. پاڪ فضائيه جي شاهينن جي بهادري، عزم ۽ قرباني وطن جي دفاع جي تاريخ ۾ هڪ نه وسرڻ جوڳو باب رقم ڪيو ۽ پوري قوم جا حوصلا بلند ڪيا. هن چيو ته ايئر مارشل نور خان 1965ع جي جنگ دوران پاڪ فضائيه جي قيادت غير معمولي قائداڻي صلاحيت، پيشيواراڻي بصيرت ۽ مضبوط عزم سان ڪئي. سندس قيادت ۾ پاڪ فضائيه جي دشمن جي مقابلي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي جنگي صلاحيتن کي مڃرايو. هن ايم ايم عالم جي غير معمولي جرئت ۽ جنگي مهارت کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هڪ فضائي ويڙهه ۾ دشمن جا 5 جهاز ڪيرائڻ سندس بي مثال پيشيواراڻي صلاحيت ۽ بهادري جو روشن مثال آهي. سردار اياز صادق چيو ته مئي 2025ع جي حق جي ويڙهه دوران پاڪ فضائيه پنهنجي پيشيواراڻي صلاحيت، جنگي تياري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. پاڪ فضائيه جي جديد جنگي جهازن، خاص ڪري جي-10 سي ۽ جي ايف 17 ٿنڊر ويڙهاڪن جهازن وطن جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارتي اڳرائي جو اثرائتو جواب ڏيندي بنا ڪنهن نقصان جي دشمن جا ڪيترائي جهاز ڪيرايا. جي 10 سي ۽ جي ايف 17 ٿنڊر پاڪستان جي دفاعي پاڻڀرو ٿيڻ، فني صلاحيت ۽ جديد فضائي جنگي سگهه جي نمايان علامت آهن. هن چيو ته 1965ع جي شاهينن کان وٺي حق جي ويڙهه جي محافظن تائين پاڪ فضائيه جي تاريخ، عزم، قرباني، پيشيواراڻي مهارت ۽ وطن جي دفاع جا روشن مثال آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي، ۽ سندن پونئرن کي صبر ۽ حوصلو عطا ڪري ۽ وطن عزيز کي امن، سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام سان همڪنار ڪرڻ فرمائي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه يوم فضائيه جي موقعي تي پاڪ فضائيه جي شهيدن، غازين ۽ شاهينن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪ فضائيه 1965ع جي جنگ کان حق جي ويڙهه تائين هر مشڪل مرحلي تي پنهنجي پيشيواراڻي مهارت، جرئت ۽ جنگي صلاحيتن سان وطن جي دفاع جو فرض انجام ڏنو آهي. هن چيو ته 1965ع جي جنگ دوران پاڪ فضائيه جي شاهينن محدود وسيلن باوجود دشمن جي فضائي طاقت جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي بي مثال بهادري سان قومي تاريخ ۾ سونهري باب رقم ڪيو. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي شاهينن جي خدمتن ۽ قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي، سندن پونئرن لاءِ صبر ۽ وطن عزيز کي هميشه، امن، سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام سان همڪنار ڪرڻ جي دعا ڪئي.