اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري يوم فضائيه جي موقعي تي پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته اڄ جو ڏينهن انهن بهادر شاهينن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جن جرئت، عزم ۽ پيشيواراڻي مهارت سان وطن جي دفاع جي تاريخ رقم ڪئي. سومر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ …
قوم کي پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن جي جرئت، عزم، ۽ پيشيواراڻي مهارت تي فخر آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري
اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري يوم فضائيه جي موقعي تي پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته اڄ جو ڏينهن انهن بهادر شاهينن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جن جرئت، عزم ۽ پيشيواراڻي مهارت سان وطن جي دفاع جي تاريخ رقم ڪئي. سومر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فضائيه جي شاهينن دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي قوم جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪيو، پاڪ فضائيه جي شاهينن جي بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت اسان جي دفاعي تاريخ جو روشن باب آهي. هن چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪ فضائيه جي شاندار ڪارڪردگي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڀرپور دفاعي صلاحيت ثابت ڪئي. آپريشن بنيان مرصوص ثابت ڪيو ته پاڪ فضائيه جا شاهين هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته پاڪ فضائيه پاڪستان جي فضائي حدن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي. پاڪ فضائيه جي شهيدن جي عظيم قربانين کي سلام ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.












