جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت نوان دفاعي محاذ آهن: احسن اقبال

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته 6 سيپٽمبر 1965ع کان 6 سيپٽمبر 2026ع تائين دنيا مڪمل طورتي بدلجي چڪي آهي. اڄ دفاع جو تصور صرف ٽينڪن، توپن ۽ روايتي هٿيارن تائين محدود ناهي رهيو پر مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، جدت ۽ جديد ٽيڪنالاجي دفاع جا اهم ۽ طاقتور محاذ بڻجي چڪا آهن. يوم فضائيه جي …

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته 6 سيپٽمبر 1965ع کان 6 سيپٽمبر 2026ع تائين دنيا مڪمل طورتي بدلجي چڪي آهي. اڄ دفاع جو تصور صرف ٽينڪن، توپن ۽ روايتي هٿيارن تائين محدود ناهي رهيو پر مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، جدت ۽ جديد ٽيڪنالاجي دفاع جا اهم ۽ طاقتور محاذ بڻجي چڪا آهن. يوم فضائيه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻو آهي ته دفاعي صلاحيتن کي ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جا نوجوان سائنسي علم ۽ جديد ٽيڪنالاجي ايندڙ وقت ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري جا حقيقي محافظ ثابت ٿيندا. هن چيو ته بدلجندڙ دنيا ۾ قومي سلامتي جون تقاضائون به تبديل ٿي رهيون آهن. ان لاءِ پاڪستان کي علم، تحقيق، جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پنهنجن صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو.