جده  ۾ پاڪستان قونصليٽ ۾ يوم دفاع جي تقريب، هٿياربند فوج جي قربانين کي اجاگر ڪيو ويو

رياض-07 سيپٽمبر(اي پي پي) جده ۾ پاڪستان قونصليٽ پاڪستاني ڪميونٽي سان گڏجي يوم دفاع تي تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ 6 سيپٽمبر 1965ع جي جنگ ۾ هٿياربند فوج جي قربانين کي اجاگر ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب پاڪستان قونصليٽ مان جاري بيان ۾ چيو ويو ته تقريب ۾ هٿياربند فوج جي نمائندن، ڪميونٽي شخصيتن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي صدر، …

رياض-07 سيپٽمبر(اي پي پي) جده ۾ پاڪستان قونصليٽ پاڪستاني ڪميونٽي سان گڏجي يوم دفاع تي تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ 6 سيپٽمبر 1965ع جي جنگ ۾ هٿياربند فوج جي قربانين کي اجاگر ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب پاڪستان قونصليٽ مان جاري بيان ۾ چيو ويو ته تقريب ۾ هٿياربند فوج جي نمائندن، ڪميونٽي شخصيتن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا خصوصي پيغام پڙهي ٻڌايا ويا جڏهن ته 1965ع جي جنگ جي حوالي سان خصوصي ڊاڪيومنٽري به ڏيکاري وئي. ان موقعي تي قونصل جنرل مصطفيٰ رباني پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بهادر جوانن جي قربانين کي اجاگر ڪيو. هن هٿياربند فوج جي بهادري ۽ قربانين کي ساراهيو، جيڪا ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ هميشه مضبوطي سان بيٺل رهي آهي. هن قومي چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ جي حمايت جي حوالي سان اتحاد ۽ عزم جي ضرورت تي زور ڀريو. قونصل جنرل ملڪي تاريخ ۽ تازو ئي معرڪه حق بنيان مرصوص دوران هٿياربند فوج جي نمايان ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ۽ چيلنجز تي ضابطو آڻڻ سان گڏو گڏ سفارتڪاري ذريعي پيس ميڪر جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم کي ساراهيو. تقريب ۾ حب الوطني تي ٻڌل تقريرن ذريعي قومي جذبي ۽ قومي فخر جو رنگ نمايان رهيو.