پاڪ فضائيه جي شاهينن 1965ع ۾ دشمن جو غرور مٽي ۾ ملايو: وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي يوم فضائيه جي موقعي تي پاڪ فضائيه جي شهيدن ۽ غازين کي زبردست خراج عقيدت چيش ڪندي چيو آهي ته 7 سيپٽمبر 1965ع پاڪ فضائيه جي غير معمولي شجاعت ۽ بي مثال پيشيوراڻي مهارت جو تاريخي ڏينهن آهي. پنهنجي خاص پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فضائيه جي شاهينن …

اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي يوم فضائيه جي موقعي تي پاڪ فضائيه جي شهيدن ۽ غازين کي زبردست خراج عقيدت چيش ڪندي چيو آهي ته 7 سيپٽمبر 1965ع پاڪ فضائيه جي غير معمولي شجاعت ۽ بي مثال پيشيوراڻي مهارت جو تاريخي ڏينهن آهي. پنهنجي خاص پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فضائيه جي شاهينن جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکندي دشمن جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. هن قومي هيرو اسڪواڊرن ليڊر ايم ايم عالم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ايم ايم عالم جي شجاعت پاڪستان جي فوجي تاريخ جو سنهري ۽ نه وسرڻ جوڳو باب آهي. هن ڪجهه ئي لمحن ۾ دشمن جا 5 جنگي جهاز ڪيرائي وڌا ۽ هڪ تاريخي ڪارنامو انجام ڏنو جنهن جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي. محسن نقوي جو چوڻ هو ته يوم فضائيه اسان جي غازين ۽ جي ياد تازو ڪري ٿو ۽ سموري قوم پنهنجن هيروز جي قربانين کي هميشا ياد رکندي. هن چيو ته وطن عزيز جي فضائي سرحدن جا محافظ هر وقت بيدار ۽ چوڪس آهن جڏهن ته شهيدن ۽ غازين پنهنجي رت سان وطن جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن جو حب الوطني وارو جذبو ۽ پيشيوراڻيون صلاحيتون اختيار ڪرڻ جوڳيون ۽ سموري قوم پاڪ فضائيه جي اعليٰ صلاحيتن تي هميشا فخر ڪندي رهندي.