ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي دوران گڏيل رجحان رهيو

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران گڏيل رجحان رهيو. قومي شماريات کاتي مطابق گذريل هفتي دوران ملڪ جي اتر شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري ايوريج ريٽيل قيمت 1554 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا ان کان گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.04 سيڪڙو گهٽ آهي. اُن هفتي دوران ملڪ ۾ اتر شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي …

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران گڏيل رجحان رهيو. قومي شماريات کاتي مطابق گذريل هفتي دوران ملڪ جي اتر شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري ايوريج ريٽيل قيمت 1554 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا ان کان گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.04 سيڪڙو گهٽ آهي. اُن هفتي دوران ملڪ ۾ اتر شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1555 روپيه رڪارڊ ڪئي وئي هئي. اهڙي طرح گذريل هفتي دوران ملڪ جي ڏکڻ شهرن ۽ علائقن ۾ سيمنٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1540 روپيه رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا ان کان گذريل هفتي ۾ 1539 روپيه هئي. انگن اکرن مطابق گذريل هفتي دوران اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1524، راولپنڊي 1524، گوجرانوالا 1600 روپيه، سيالڪوٽ 1500 روپيه، لاهور 1587 روپيه، فيصل آباد 1550 روپيه، سرگودا 1588 روپيه، ملتان 1591 روپيه، باولپور 1560 روپيه، پشاور 1573 ۽ بنون ۾ سيمنٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1500 روپيه رڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح گذريل هفتي دوران ڪراچي ۾ سيمنٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1470 روپيه، حيدرآباد 1510 روپيه، سکر 1610 روپيه، لاڙڪاڻو 1523 روپيه، ڪوئٽه 1520 روپيه ۽ خضدار ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1600 روپيه رڪارڊ ڪئي وئي. اي