نوشهرو فيروز - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. قومي شاهراهه تي رسول آباد وٽ ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. ذريعن موجب حادثو رسول آباد وٽ پيش آيو جتي تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪار پاڻ …
نوشهروفيروز لڳ قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت
نوشهرو فيروز – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. قومي شاهراهه تي رسول آباد وٽ ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. ذريعن موجب حادثو رسول آباد وٽ پيش آيو جتي تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪار پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا. حادثي جو اطلاع ملندي ئي رسول آباد پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهتي، پوليس ٽنهي فوتين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. پوليس مطابق حادثي بعد ٽرالر ڊرائيورٽرالر سميت موقعي تان فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا جاري آهي.












