ميڪسيڪو ۾ آتش بازي جو سامان ڦاٽڻ سبب 10 ڄڻا فوت، 64 زخمي ٿي پيا

ميڪسيڪو سٽي - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ميڪسيڪو جي رياست ميڪسيڪو جي شهر تمازڪال سنگو ۾ مذهبي تهوار دوران آتش بازي جو ذخيرو ڪيل سامان ڦاٽڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا فوت ۽ 64 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياستي حڪومت ٻڌايو ته ڌماڪو هڪ گرجاگهر ۾ ٿيو، جتي سرپرست بزرگ جي ياد ۾ تقريبون جاري هيون. ڌماڪي جي نتيجي ۾ گرجاگهر جي ڇت جو هڪ حصو …

ميڪسيڪو سٽي – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ميڪسيڪو جي رياست ميڪسيڪو جي شهر تمازڪال سنگو ۾ مذهبي تهوار دوران آتش بازي جو ذخيرو ڪيل سامان ڦاٽڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا فوت ۽ 64 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياستي حڪومت ٻڌايو ته ڌماڪو هڪ گرجاگهر ۾ ٿيو، جتي سرپرست بزرگ جي ياد ۾ تقريبون جاري هيون. ڌماڪي جي نتيجي ۾ گرجاگهر جي ڇت جو هڪ حصو ۽ هڪ ڀت ڊهي پئي، جنهن جي ملبي هيٺ ڪيترائي ماڻهو دٻجي ويا. رپورٽس مطابق 8 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿيا جڏهن ته زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي بعد شهري تحفظ جي اهلڪارن، هٿياربند فوج ۽ رياستي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ۽ حفاظتي قدم لاڳو ڪيا.