يوڪرين جي صدر جي آمريڪي نمائندن سان ملاقات، روس يوڪرين تڪرار تي ڳالهين جي بحالي جون ڪوششون تيز

ڪيف - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولوديمير زيلنسڪي چيو آهي ته آمريڪي نمائندن اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشز سان ٿيل ملاقات انتهائي اهم ۽ با معنيٰ رهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ڌرين روس يوڪرين تڪرار تي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ، يوڪرين لاءِ سيڪيورٽي ۽ اقتصادي ضمانتن ۽ سياري جي موسم لاءِ امدادي پيڪيج تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. …

ڪيف – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولوديمير زيلنسڪي چيو آهي ته آمريڪي نمائندن اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشز سان ٿيل ملاقات انتهائي اهم ۽ با معنيٰ رهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ڌرين روس يوڪرين تڪرار تي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ، يوڪرين لاءِ سيڪيورٽي ۽ اقتصادي ضمانتن ۽ سياري جي موسم لاءِ امدادي پيڪيج تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يوڪرين جي صدر چيو ته يوڪرين فضائي دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ آمريڪي سهڪار سان گڏو گڏ آمريڪي مائع قدرتي گيس (ايل اين جي) جي وڏي مقدار ۽ ان جي استعمال جي امڪانن جو به خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته ڳالهين جي ٽئين دور ۾ برطانيا، فرانس ۽ جرمني سميت يورپي ملڪن جي نمائندن به شرڪت ڪئي ۽ ٽنهي ڌرين مستقبل ۾ ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ ٻيهر ملاقات تي اتفاق ڪيو. يوڪرين جي صدر ان عزم جو به اظهار ڪيو ته يوڪرين، آمريڪا ۽ روس وچ ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ ٽه ڌري ڳالهيون بحال ڪرڻ جون ڪوششون جاري رهنديون.