جنيوا -07 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي عالمي موسمياتي اداري خبردار ڪيو آهي، ته ٻيلن ۾ وڌندڙ شديد باهه ۽ گرمي جي لهرون فضائي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ انساني صحت جي تحفظ جي عالمي ڪوششن کي متاثر ڪري سگهن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي موسمياتي تنظيم (ڊبليو ايم او) فضائي معيار ۽ موسمياتي تبديلي بابت پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ چيو آهي، ته فضائي گدلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي …
ٻيلن کي باهه ۽ شديد گرمي جي لهن سبب عالمي فضائي معيار کي خطرو آهي: ڊبليو ايم او
جنيوا -07 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي عالمي موسمياتي اداري خبردار ڪيو آهي، ته ٻيلن ۾ وڌندڙ شديد باهه ۽ گرمي جي لهرون فضائي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ انساني صحت جي تحفظ جي عالمي ڪوششن کي متاثر ڪري سگهن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي موسمياتي تنظيم (ڊبليو ايم او) فضائي معيار ۽ موسمياتي تبديلي بابت پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ چيو آهي، ته فضائي گدلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي هڪ ٻئي سان گهرو تعلق آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڌار ڌار بدران مربوط پاليسين تحت قدم کڻڻ گهرجن. رپورٽ موجب مستقبل ۾ شديد نوعيت جي ٻيلن جي باهه جي واقعن ۾ اضافي جو امڪان آهي، جنهن سبب صحت جي عالمي اداري پاران مقرر ڪيل فضائي معيار جي رهنما اصولن تي پورو لهڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويندو. رپورٽ مطابق هلندڙ سال يورپ جي مختلف حصن، خاص ڪري اسپين، فرانس ۽ يونان ۾ شديد گرمي ۽ تباهي پکيڙيندڙ ٻيلن جي باهه جا واقعا ڏسڻ ۾ آيا آهن.












