اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافو، جڏهن ته سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق سومر ڏينهن آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.27 ڊالرز جي اضافي کانپوءِ 92.75 ڊالرز جڏهن ته برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافو، سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي
اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافو، جڏهن ته سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق سومر ڏينهن آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.27 ڊالرز جي اضافي کانپوءِ 92.75 ڊالرز جڏهن ته برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.34 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 97.62 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت 37.12 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 4393 ڊالر ڊالر في اونس ۽ چاندي جي قيمت 0.54 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 66.21 ڊالر في اونس ٿي وئي. زرعي جنسن جي قيمتن ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ڪڻڪ جي مستقبل جا سودا 20.25 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 734 ڊالر جي بشل ۽ مڪئي جي قيمت 4 ڊالر جي گهٽتائي بعد 536.75 ڊالر ٿي وئي. ڪاٽن جي قيمت ۾ 0.12 ڊالر جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.












