بيجنگ- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي، اسماعيل اولد شيخ احمد کي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو نئون سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق چيني پرڏيهي وزير پنهنجي مبارڪن جي پيغام ۾ چيو ته اسلامي تعاون تنظيم، اسلامي دنيا سان چين جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي هڪ اهم پُل آهي. تازن سالن ۾ ڌرين جي گڏيل ڪوششن سان …
چين پاران اسماعيل اولد شيخ احمد کي او آءِ سي سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪ
بيجنگ- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي، اسماعيل اولد شيخ احمد کي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو نئون سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق چيني پرڏيهي وزير پنهنجي مبارڪن جي پيغام ۾ چيو ته اسلامي تعاون تنظيم، اسلامي دنيا سان چين جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي هڪ اهم پُل آهي. تازن سالن ۾ ڌرين جي گڏيل ڪوششن سان گڏيل لاڳاپا مسلسل گهرا ۽ مضبوط ٿيا آهن ۽ هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن بابت معاملن تي به گڏيل حمايت جاري آهي. هن چيو ته چين اسلامي تعاون تنظيم سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ کي گهڻي اهميت ڏيندو آهي. هن چيو ته هو سيڪريٽري جنرل سان ملي ڪري اسلامي تعاون تنظيم ۽ اسلامي دنيا سان چين جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ ترقي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جو خواهشمند آهي.












