ملائيشيا ۾ ڪوهيئڙي سبب لاڳو هنگامي حالتون ختم

ڪوالالمپور- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ملائيشيا سومر ڏينهن بورنيو ٻيٽ جي رياست سراواڪ ۾ ڪوهيئڙي سبب لاڳو هنگامي حالت ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ انڊونيشيا ۾ ٻيلن لڳل باهه سبب فضائي گدلاڻ جي سطح اڃان تائين صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم جي آفيس سومر ڏينهن ٻڌايو ته بادشاهه سلطان ابراهيم سومر ڏينهن هنگامي حالت جي اعلان جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آفيس …

ڪوالالمپور- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ملائيشيا سومر ڏينهن بورنيو ٻيٽ جي رياست سراواڪ ۾ ڪوهيئڙي سبب لاڳو هنگامي حالت ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ انڊونيشيا ۾ ٻيلن لڳل باهه سبب فضائي گدلاڻ جي سطح اڃان تائين صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم جي آفيس سومر ڏينهن ٻڌايو ته بادشاهه سلطان ابراهيم سومر ڏينهن هنگامي حالت جي اعلان جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سراواڪ ۾ ڪوهيئڙي جي صورتحال اڃان به مڪمل طور تي بهتر ناهي ٿي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ ايئر پالويشن انڊيڪس (اي پي آءِ) جي سطح اڃان به صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. ڪوالالمپور جمعي ڏينهن سراواڪ جي شهر سريان ۾ گدلاڻ جي سطح خطرناڪ حد تائين پهچڻ بعد هنگامي صورتحال لاڳو ڪئي هئي. سريان رياستي گادي واري شهر ڪوچنگ کان اٽڪل 65 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ واقع آهي. ان قدم لاءِ شاهي منظوري حاصل ڪئي وئي هئي. جمعي ڏينهن تي سريان ۾ ايئر پاليوشن انڊيڪس جي سطح خطرناڪ حد 500 کان وڌي ڪري 519 تائين پهچي وئي هئي. سراواڪ جي قدرتي وسيلن ۽ ماحوليات بورڊ مطابق جمعي جي رات ۽ ڇنڇر جي صبح سريان ۾ ٿيل برسات، جنهن بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته اها مصنوعي برسات وسائڻ جي ڪارروائي جو نتيجو هئي، صورتحال ۾ ڪجهه بهتري پيدا ڪئي. سومر ڏينهن تي اي پي آءَ جي سطح گهٽ ٿي 200 کان هيٺ حد تائين اچي وئي.