پاڪ فضائيه گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران فضائي ويڙهه ۾ پنهنجي صلاحيت، پيشيواراڻي برتري ۽ ڌاڪ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي)  صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته پاڪستان جي يوم فضائيه جي تاريخي موقعي تي مان پاڪ فضائيه جي سمورن اهلڪارن جي شاندار ڪارڪردگي جي تعريف ڪيان ٿو ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو.  7 سيپٽمبر يوم فضائيه جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو …

اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي)  صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته پاڪستان جي يوم فضائيه جي تاريخي موقعي تي مان پاڪ فضائيه جي سمورن اهلڪارن جي شاندار ڪارڪردگي جي تعريف ڪيان ٿو ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو.  7 سيپٽمبر يوم فضائيه جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته بيشڪ پاڪ فضائيه جي بانين قائداعظم جي ان ويزن موجب ان مشهور اداري جو بنياد رکيو ته اسان جي فضائيه دنيا جي بهترين فضائي فوجن ۾ شمار ٿئي ۽ ان مقصد جي  تحت ان کي سمورن شعبن ۾ اعليٰ معيار ۽ پيشيواراڻي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ترقي ڏني وئي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته پاڪ فضائيه گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران فضائي ويڙهه ۾ پنهنجي صلاحيتن، پيشيواراڻي برتري ۽ ڌاڪ جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته ويجهڙ ۾ پاڪ فضائيه ڀائر فوج سان هم آهنگي ۽ گڏيل عمل ذريعي حق جي ويڙهه ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو ۽ دشمن تي اهڙو ڪارو وار ڪيو جنهن پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. بيشڪ پاڪ فضائيه جي شاندار ڪارڪردگي جرئت منداڻي قيادت، جنگي عملي جي حربي مهارت، بهترين منصوبابندي ۽ گهڻ رخي جنگي صلاحيتن جي مربوط ۽ موثر استعمال جو نتيجو هئي جيڪا جدت ۽ مقامي دفاعي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ جي حڪمت عملي تحت حاصل ڪئي وئي. صدر چيو ته مون کي فخر آهي ته پاڪ فضائيه هڪ ڀيرو ٻيهر تعداد ۾ گهٽ هئڻ باوجود مقابلو ڪرڻ جي شاندار روايت کي برقرار رکيو جيڪو هميشه ان جو وطيرو رهيو آهي، هن چيو ته بيشڪ اسان جي شاهينن پنهنجي بي مثالي بهادري سان ثابت ڪري ڇڏيو ته دشمن توڙي جو  ڪيترو به طاقتور ۽ وسيلن سان مالا مال ڇو نه هجي هو اسان جي عزم ارادي کي ڪڏهن به ڪمزور نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته اڄ جي پاڪ فضائيه ۽ ان جي بهادرن کي خراج تحسين آهي جن پنهنجي رت سان پاڪ فضائيه جي تاريخ لکي. هن چيو ته هن خاص ڏينهن تي مون کي يقين آهي ته پاڪ فضائيه هميشه وانگر هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي ۽ پاڪستان جي خودمختياري ۽ فضائي حدن جي دفاع لاءِ هر وقت چوڪس آهي. اي پي