سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪستان جي هوائي حدن جي دفاع لاءِ پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جوش ۽ عزم انهن کي آسمان جي اونچاين ۾ ڪاميابين سان همڪنار ڪيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪستان جي هوائي حدن جي دفاع لاءِ پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جوش ۽ عزم انهن کي آسمان جي اونچاين ۾ ڪاميابين سان همڪنار ڪيو، عظيم شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريُون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پاڪ فضائيه جي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام موجب، وزيراعظم چيو …

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪستان جي هوائي حدن جي دفاع لاءِ پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جوش ۽ عزم انهن کي آسمان جي اونچاين ۾ ڪاميابين سان همڪنار ڪيو، عظيم شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريُون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پاڪ فضائيه جي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام موجب، وزيراعظم چيو ته پاڪ فضائيه جي ڏينهن جي يادگار موقعي تي پاڪ فضائيه جي سڀني آفيسرن ۽ جوانن کي انهن جي پيشيوراڻي تاريخ دوران شاندار ڪارڪردگي تي دلي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پاڪستان هوائي فوج بنا ڪنهن شڪ جي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هوائي جنگين ۾ پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت، مهارت ۽ برتري کي ثابت ڪيو آهي. هي ناليوارو ادارو قرباني، بهادري ۽ پيشه وراڻي صلاحيت جي هڪ فخر جوڳي تاريخ رکي ٿو، جنهن سدائين قوم جي سڏ تي بي مثال جرئت ۽ بهادري سان لبيڪ چيو آهي. هن چيو ته سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪستان جي هوائي حدن جي دفاع لاءِ پاڪستان جي هوائي فوج جي شاهينن جي جوش ۽ عزم انهن کي آسمان جي اونچاين ۾ ڪاميابي ۽ فتح سان همڪنار ڪيو. انهن مُلڪ جي دفاع خاطر پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. بنا ڪنهن شڪ جي انهن عظيم قربانين کي خراج عقديت پيش ڪرڻ اسان جي لاءِ قومي اعزاز آهي. هن چيو ته انهي جذبي جي تسلسل ۾ گُذريل سال مئي 2025ع ۾ جڏهن حملي آورن هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ پرامن ملڪ کي چئلينج ڪيو ته پاڪ فضائيه پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ٻين سروسز سان مثالي هم آهنگي جو مظاهرو ڪندي معرڪه حق ۾ دلير قيادت، غير معمولي جنگي صلاحيتن، بهترين منصوبابندي ۽ تازن سالن جي جامع حڪمت عملي تحت جديديت ۽ پاڻڀرائپ وسيلي حاصل ڪيل گهڻ رخي جنگي صلاحيتن جي منظم ۽ موثر استعمال سان دُشمن کي شڪست ڏني. قوم کي فخر آهي ته پاڪ فضائيه هڪ ڀيرو ٻيهر تعداد ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود دشمن جو مقابلو ڪرڻ جي پنهنجي شاندار روايت کي برقرار رکيو، جيڪا سدائين سندس نمايان سُڃاڻپ رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ان خاص ڏينهن جي موقعي تي آئُون پاڪ فضائيه جي پيشه وراڻي ڪاميابي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. مون کي يقين آهي ته پاڪ فضائيه سدائين وانگر هر ممڪن چئلينج کي منهن ڏيندي ملڪ جي خودمختياري ۽ فضائي سرحدن جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار رهندي.