راولپنڊي - 06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع شهيدن جي ڏهاڙي تي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪ فوج جي چست جٿي شهيدن جي يادگار تي سلامي پيش ڪئي. ايڊجوائنٽ جنرل پاڪستان آرمي شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا. تقريب دوران ايڊجوائنٽ جنرل شهيدن جي گهرڀاتين سان خصوصي ملاقات ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شهيدن جي گهرڀاتين سان ملاقات ۾ ايڊجوائنٽ جنرل …
يوم دفاع شهيدن جي ڏهاڙي تي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پروقار تقريب منعقد
راولپنڊي – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع شهيدن جي ڏهاڙي تي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪ فوج جي چست جٿي شهيدن جي يادگار تي سلامي پيش ڪئي. ايڊجوائنٽ جنرل پاڪستان آرمي شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا. تقريب دوران ايڊجوائنٽ جنرل شهيدن جي گهرڀاتين سان خصوصي ملاقات ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شهيدن جي گهرڀاتين سان ملاقات ۾ ايڊجوائنٽ جنرل انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ هر ممڪن تعاون جي خاطري به ڪرائي.












