اسلام آباد - 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته يوم دفاع شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان پنهنجي شهيدن جي لازوال شجاعت، غازين جي بهادري ۽ سندن ڪٽنبن جي پختي عزم کي سلام پيش ڪيون ٿا. سندن قربانيون اهي مقدس امانت آهن جن جي بنياد تي پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي قائم آهي. آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو …
شهيدن جون قربانيون اهي مقدس امانت آهن، جن جي بنياد تي پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي قائم آهي: محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته يوم دفاع شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان پنهنجي شهيدن جي لازوال شجاعت، غازين جي بهادري ۽ سندن ڪٽنبن جي پختي عزم کي سلام پيش ڪيون ٿا. سندن قربانيون اهي مقدس امانت آهن جن جي بنياد تي پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي قائم آهي. آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته 1965ع جي ويڙهه کان وٺي حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان مرصوص جي شاندار ڪاميابي تائين اسان جي هٿياربند فوج ثابت ڪيو آهي، ته 6 سيپٽمبر جو جذبو اڄ به پوري طرح زنده ۽ ناقابل شڪست آهي. پوري قوم پاڪ فوج، پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي بهادر پٽن ۽ ڌيئرن سان فخر سان بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي جڏهن ته امن لاءِ اسان جو عزم ڪنهن به صورت اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اسان وٽ پنهنجي وطن جي ڪنڊ ڪڙڇ جي دفاع ۽ هر قسم جي دهشتگردي، اڳرائي جو فيصلائتي شڪست ڏيڻ جو عزم ۽ صلاحيت ٻئي موجود آهن. هن چيو ته اچو ته پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي اهڙو پاڪستان جوڙيون جيڪو متحد، پرامن، معاشي طور مضبوط ۽ قائداعظم جي اصولن ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط تي عمل ڪري. الله تعاليٰ اسان جي شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ اسان جي پياري وطن پاڪستان کي هميشه پنهنجي حفاظت ۾ رکي.












