اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام جي ڪارروائين دوران ڀارتي سرپرست يافته فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته ملڪ جي امن ۽ استحڪام خلاف ناپاڪ عزمن کي …
وزيراعظم پاران خيبرپختونخوا ۾ ڪارروائين دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام جي ڪارروائين دوران ڀارتي سرپرست يافته فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته ملڪ جي امن ۽ استحڪام خلاف ناپاڪ عزمن کي مسلسل ناڪام بڻائڻ تي سموري قوم کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف ان جاري جنگ ۾ سڄي قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، پاڪستان جي سرزمين مان پرڏيهي حمايت يافته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ”عزم استحڪام“ جي ويزن تحت ڪارروائيون ڀرپور عزم سان جاري رهنديون.












