نائب وزيراعظم ۽پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 06 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي صورتحال خاص طور تي گهڻ رخي فورمز تي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن استنبول ۾ منعقد مڪه دفاعي اتحاد جي …

اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي صورتحال خاص طور تي گهڻ رخي فورمز تي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن استنبول ۾ منعقد مڪه دفاعي اتحاد جي اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي افتتاحي اجلاس ۾ طئي ٿيل مفاهمت تي اڳڀرائي ۽ ان جي فالواپ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان حوالي سان ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.