اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ ان جي بهادر پُٽن کي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جن 6 سيپٽمبر 1965ع جي ڏينهن غير معمولي جرئت، بهادري ۽ قرباني جي جذبي سان مادر وطن جو دفاع ڪيو، انهن جي شجاعت، استقامت ۽ فرض سان بي لوث وابستگي قوم …
هٿيار بند فوج 6 سيپٽمبر تي غير معمولي جرئت، بهادري ۽ قرباني جي جذبي سان وطن جو دفاع ڪيو: نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار
اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ ان جي بهادر پُٽن کي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جن 6 سيپٽمبر 1965ع جي ڏينهن غير معمولي جرئت، بهادري ۽ قرباني جي جذبي سان مادر وطن جو دفاع ڪيو، انهن جي شجاعت، استقامت ۽ فرض سان بي لوث وابستگي قوم لاءِ هميشه فخر جو سبب رهندي. شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا جڏهن ته پاڪستان جي خدمت ۾ انهن جي بي مثال قربانين تي سندن ڪٽنبن کي سلام پيش ڪيون ٿا. يوم دفاع جي موقعي تي پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان مرصوص دوران ان جرئت ۽ پيشوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو ويو، پاڪستان جي عوام جي حمايت سان اسان جي فوج عزم ۽ استقلال سان ملڪ جي خود مختياري ۽ علائقائي سلامتي جو دفاع ۽ هر قسم جي جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. هن چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خاص ڪري بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لڳاتار قربانين کي پڻ قدر جي نگاه سان ڏسون ٿا. پاڪستان ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه النهدستان ۽ فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪ جي امن استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ واري هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. نائب وزيراعظم چيو ته امن پسند قوم هجڻ جي ناطي پاڪستان پر امن بقا، ڳالهين ۽ تعاون لاءِ پنهنجي عزم تي ڪاربند آهي، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهراءَ ۽ ڪشميري عوام جي خواهش موجب هجڻ تي آهي. پاڪستان ڪشميري عوام کي ان جو خواراديت وارو حق ڏيارڻ ۽ ان جي جائز جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي اسان پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي مفادن جي دفاع لاءِ پنهنجي اڻٽر عزم جو اظهار ڪيون ٿا. اسان جي شهيدن جي جرئت، هٿيار بند فوج جي قوت ۽ اسان جي عوام جو عزم ان ڳالهه جي وڏي ضمانت آهي ته پاڪستان هر چئلينج جو مقابلو اعتماد، وقار ۽ پختي عزم سان ڪندو.












